ريشمي ڌاڳا

ريشمي ڌاڳا

ريشمي ڌاڳا

ريشمي ڌاڳا (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري سنڌي ڪهاڻيڪار راج ڏاسواڻيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سندس 12 ڪهاڻيون: ريشمي ڌاڳا، منهنجو محبوب، قرب ڪنڌ ڪپايا، پيڊ گرل، لمبوترو، اوطاق جا ٻه ڏينهن، گونگا ٻوڙا، ٽمورتي، هڪ سکي، هڪ رعيت هڪ سرڪار، چاچو چوهڙمل، پروفيسر نانءَ چڱو ۽ ڪچا ڌاڳا شامل آهن. ڪتاب جي ٻن لفظن ۾ راج ڏاسواڻيءَ لکي ٿو ته: ”منهنجون ڪهاڻيون، ڪن حالتن، ڪنهن وقت ۽ ڪن جذبن جو عڪس آهن. هر ڪهاڻيءَ جو مضمون الڳ آهي ڇو ته الڳ الڳ وقت تي لکيون ويون آهن. هي ڪهاڻيون 1950ع کان 1960ع ڌاري جون لکيل آهن.“ راج ڏاسواڻيءَ جي ڪهاڻي ڪتاب تي مشهور ليکڪ لکمي کلاڻيءَ تفصيلي مهاڳ ’هڪ ڏمريل ماڻهو‘ جي عنوان سان لکيو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته راج ڏاسواڻيءَ جو اصل نالو راجن چاولا آهي، جنهن موهن ڪلپنا ۽ گني سامتاڻيءَ سان گڏجي ترقي پسند اديبن جي مخزن ’نئين دنيا‘ جي هڪ هٽي ٽوڙڻ لاءِ 1960ع ۾ ’ڪونج‘ رسالي جي گڏيل ايڊيٽرشپ ڪئي هئي.
هن ڊيمي سائيز جي 116 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 85 روپيا آهي، جيڪو مير اج ساهتيه مالا ممبئيءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 2000ع ۾ ڇپيو آهي.


لفظ ريشمي ڌاڳاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو